مٽياري: (ن س) وهاب شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو مال بردار ٽرين جون ڪيتريون ئي بوگيون پٽڙي تان لهڻ (ڊي ريل ٿيڻ) سبب اپ ۽ ڊائون ٻئي ريلوي ٽريڪ اڃا تائين بحال ناهن ٿي سگهيا. حادثي کانپوءِ ريلوي انتظاميا فوري طور تي ريسڪيو ۽ بحالي جو آپريشن شروع ڪري ڏنو، جيڪو مسلسل جاري آهي. ريلوي اختيارين موجب، حادثي جي نتيجي ۾ اپ ريلوي ٽريڪ هڪ ڪلوميٽر کان وڌيڪ حصي تائين شديد متاثر ٿي اکڙي ويو، جڏهن ته ڊائون ٽريڪ جو به وڏو حصو نقصان جو شڪار ٿيو آهي، جنهن جي ڪري ٻنهي طرفن کان ريلوي ٽريفڪ معطل آهي. انتظاميا موجب بحالي جو ڪم ٻن مرحلن ۾ جاري آهي. پهرين مرحلي ۾ پٽڙي تان لٿل مال بردار ٽرين جي بوگين کي ٽريڪ تان هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ متاثر ٿيل ريلوي ٽريڪ جي مرمت ۽ بحالي جو عمل شروع ڪيو ويندو. ريلوي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪندي بحالي جي ڪم کي تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته جيئن ڊائون ٽريڪ کي اڄ شام تائين بحال ڪري ريلوي ٽريفڪ جزوي طور تي بحال ڪري سگهجي.










