اسلام آباد(بيورو)مالي سال 23-2022 جي وفاقي بجيٽ 10 جون جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف وفاقي بجيٽ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب وفاقي بجيٽ 10 جون تي سينيٽ ۾ پيش ڪئي ويندي.ناڻي واري سيڪريٽري ڪابينا سيڪريٽري کي خط لکيو آهي ته بجيٽ تجويزن جي منظوري لاءِ 10 جون تي ڪابينا جو اجلاس گهرايو وڃي.










