اسلام آباد (بيورو رپورٽ)هلندڙ مالي سال لاءِ سراسري گئس جي قيمتن ۾ 7.14 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) موجب، سوئي ناردرن لاءِ گئس جي قيمت 1,852.80 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو تائين وڌائي وئي آهي.سوئي سدرن لاءِ گئس جي قيمت 1,777.2 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.ان کان اڳ، اوگرا گئس جي قيمتن ۾ سراسري طور تي 8 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو دعويٰ ڪيو هو، جڏهن ته، هاڻي اوگرا عملدارن وضاحت ڪئي آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه پر واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.










