’ماسي گينگ‘ جو سربراهه سعودي مان انٽر پول ذريعي گرفتار

’ماسي گينگ‘ جو سربراهه سعودي مان انٽر پول ذريعي گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس، انٽرپول جي مدد سان، مشهور “ماسي گينگ” جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اختيارين سومر ڏينهن تصديق ڪندي ٻڌايو ته شڪي شخص عمران ولد عباس علي کي سعودي عرب ۾ حراست ۾ وٺڻ بعد پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو ويو. رپورٽ موجب، عمران سعودي عرب جو مفت ويزا چوري مان حاصل ڪيل رقم سان حاصل ڪيو هو. ان گينگ سان لاڳاپيل ٻه عورت ساٿي اڳ ئي گرفتار ٿي چڪيون هيون. بن قاسم انويسٽيگيشن ڊي ايس پي شاهنواز ميمڻ موجب، ڪراچي پوليس عمران خلاف ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ انٽرپول کي درخواست ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ کيس سعودي عرب ۾ گرفتار ڪيو ويو. عمران سعودي قانون تحت نَو مهينا قيد ڪاٽيو، جنهن کان پوءِ گذريل آچر ڏينهن کيس اسلام آباد ۾ پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو ويو، جتان کيس بن قاسم انويسٽيگيشن پوليس تحويل ۾ ورتو آهي. تحقيق دوران معلوم ٿيو ته عمران ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سرگرم گينگ هلائيندو هو، جنهن ۾ گهڻو ڪري عورت چور شامل هيون، جن کي عام طور تي “ماسيون” چيو ويندو آهي. اهي عورتون پهرين گهرن ۾ نوڪري حاصل ڪنديون هيون، پوءِ سون ۽ رقم چوري ڪري فرار ٿي وينديون هيون. عمران انهن کي ٽرانسپورٽ ۽ سهولتون مهيا ڪندو هو ته جيئن اهي پنهنجا ڌنڌا آسانيءَ سان ڪري سگهن. رپورٽ موجب، درخشان ۽ اسٽيل ٽائون سان واسطو رکندڙ ٻه عورتون ڪيترين چورين ۾ ملوث رهيون. عمران جي ٽوليءَ جو هڪ نشانو سياسي اڳواڻ سعديه جاويد جو گهر به بڻيو. ساڳئي ٽولي سان لاڳاپيل ٻيون ٻه عورتون، شاهده ۽ گلاب زادي، اڳ ئي گرفتار ڪيون ويون آهن. عمران پنجاب پوليس کي پڻ گهربل آهي، جتي هن خلاف ڪيترائي ڪيس داخل آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته کيس وڌيڪ جاچ لاءِ ملير ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو