راولپنڊي (م ڊ) راولپندي انتظاميه پي ٽي آئي جي لانگ مارچ جي استقبال لاءِ سيڪيورٽي جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن پارٽِ چيئرمين عمران خان جي سڏ کان پوءِ ڇنڇر تي شهر ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي ذريعن مطابق عمران خان تندرست ٿيڻ کان پوءِ مارچ جي اڳواڻي ڪندو جيڪو هلندڙ مهيني جي شروع ۾ وزيرآباد ۾ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم اعلان ڪيو هو ته هو ڇنڇر ڏينهن راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندو. مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙ روات جي ٽي چوڪ تي ويهندا جڏهن ته پنڊي ۾ مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي رهائش ۽ کاڌو پيتو فراهم ڪرڻ جون تياريون جاري آهن انهي حوالي سان مقامي انتطاميه شمس آباد جي علائقي اقبال پارڪ ۾ 80 عارضي بيت الخلا جڏهن ته ٽيڪسلا ۾ مارچ ڪندڙن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 200 باٿ روم ٺاهيا آهن.










