اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڪنهن به آفيسر استعيفيٰ ناهي ڏني، پاڪ فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ متحد آهي.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اندروني شرپسندن ۽ ٻاهرين دشمنن جي ڀرپور ڪوششن باوجود پاڪ فوج جنرل عاصم منير جي قيادت ۾ متحد هئي، متحد آهي ۽ متحد رهندي، اهو خواب ساڀيان ٿيندو. هڪ خواب ئي رهجي ويندو،هن چيو ته ڪنهن به استعيفيٰ ناهي ڏني ۽ نه ئي ڪو حڪم واپس ڪيو ويو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته جنرل عاصم منير ۽ اعليٰ فوجي قيادت جمهوريت جي دل و جان سان حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين، مارشل لا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.هن چيو ته آرمي چيف ۽ ان سان گڏ سموري فوجي قيادت جمهوريت تي يقين رکي ٿي.










