ڪنڌڪوٽ( ڊ ر) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج رجب علي شر جي عدالت ڪشمور ٿاڻي ۾ قتل ڪيس جي جوابدار نظر علي ولد ڪمن لنجواڻي تي مقتول حضور بخش مزاري جو قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جيل موڪلي ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار ڇھ مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو. قتل ڪيس مقتول جي والد نور خان جي فرياد تي داخل هو۔










