ليکڪ: صوفي طارق علي کوسو
پاڻ جتي بہ تعليم جو ذڪر ڪندا آھيون تہ پوء اسان پنھنجي ملڪ کان علاوه ٻين جو ذڪر ڇو ڪندا آھيون؟ اتي پاڻ دنيا جي ٻين ملڪن جا نالا کڻندا آھيون جنھن م جاپان، آمريڪا، چين ءملائيشا جو اڪثر ذڪر ڪندي مثال ڏيندا آھيون پر حقيقت م پاڻ ڪڏھن بہ پنھنجي لاء، پنھنجي ملڪ لاء، ء پنھنجي علائقي جي فردن جي اجتماع لاء ڪڏھن بہ ڪين سوچيو آھي تہ اسان ڪڏھن اھڙا ٿينداسين جو اسان ٻين جا نالا نہ وٺنداسين ڪڏھن اسان م اھڙي سجاڳي پيدا ٿيندي جو بھتري آڻينداسين. ھا بلڪل دنيا جا ٻيا ڪيترائي ملڪ تعليم ء تعليم حاصل ڪندڙن سان سچا آھن اھي پنھنجي تعليم سان گڏوگڏ شاگردن سان علم ء مالي حساب سان پٺ تي پيل شاگردن جي ھر سھائتا ڪندا آھن انھن شاگردن توڙي شاگردياڻين کي مالي حساب سان بھتر ڪري، بھترين اسڪالرشپون ڏئي تن مان ذھني دٻاء ڪڍي پڙھائي طرف ڌيان ڇڪرائيندا آھن
اھي تڏھن سائنسداد، فلاسفر، ڊاڪٽر، انجينئر ء استاد پيدا ٿيندا آھن اھي ھر شعبي سان مھارت حاصل ڪندڙ تيار ڪندا آھن جيڪي نہ صرف ملڪ، پنھنجو پاڻ کي پر پنھنجي تعليمي درسگاھن جي خدمت جا عمل پيرا ھوندا آھن اھي ائين ئي بھترين انسان ٿي پنھنجي تعليمي ادارن کي فنڊ ڏيندا آھن تہ جيئن ٻيو ڪو اھڙو غريب انسان تيار ٿئي جيڪو ملڪ کي اڃان وڌيڪ روشن ڪري. انھي سڀني ڳالھائين تي غور فڪر ڪندي چؤ طرف ڏسندي ڪندي سنڌ جي تعليمي صورتحال تي سوچيندي ويچار ڪيون ٿا تہ اسان پنھنجي تعليمي درسگاھن م راڪاس آڻي ويھاريا آھن. اڳ تہ نياڻين کي روڊ ء رستن تي پريشان ڪيو ويندو ھو پر ھاڻي مادري عملين م نياڻين کي قتل يا حراسان ڪيو ٿو وڃي. انھن مادري عملين م اھڙا واقعا ٿين ٿا. ادارا جيڪي عزت، اخلاق ء ادب سيکارڻ جا پابند ھوندا آھن تہ برائين کان پري رھو پر اتي ئي اھو سڀ ٿي رھيو آھي ھؤ مادري علمين م راڪاش تہ سالن کان ويٺل آھي پر اھو ڪجھ ڏينھن کان اثر روز وٺي ويو آھي ھڪ پاسي اليڪٽران ميڊيا، پرنٽ ميڊيا ء سوشل ميڊيا اھڙن واقعين سان ڀري پئي آھي تعليمي ادارن م نياڻين سان نامناسب رويو عروج تي آھي جيڪي پوري ماحول کي خراب ڪري بدبودار ڪرڻ ٿا گھرن.
جڏھن تہ سنڌ جون نياڻيون بدڪردارن ء وھشي بگھڙن جي وچ م گھيريل آھن تعليمي درسگاھن م شاگردياڻين کي اغوا کان وٺي ھاسٽلن اندر قتل ء قتل ڪرڻ جي ڪوششون ٿينديون آھن. ائين کڻي چئي سگھجي ٿو تہ نياڻين کان تعليم جو حق کسجي رھيو آھي. الماس ڀان کان وٺي نائلا رند، نمرتا، نوشين ء پروين رند تائين نياڻيون وھشي بگھڙن جي ور چڙھي چڪا آھن. سنڌ جون تمام يونيورسٽيون، ڳڙھي تيغو يا گھوٽڪي ڪچي جي خطرناڪ علائقن کان وڌيڪ خطرناڪ بڻيل آهي. پر سنڌ جي انھن ڪچي وارن علائقن م بہ سنڌ جي نياڻين کي عزت ء ست قرآن سمجھيو ويندو آھي. ھاڻي مادري عمليون نياڻين لاء مقتل گاھون ء قبر جو رستو بڻجي ويون آھن. اسان نياڻين کي مادري عملين م موڪليندا تہ انھي لاء آھيون جيئن ملڪ جو نالو روشن ڪن. نہ ڪي مارائڻ لاء ء نہ وري گھر طرف لاش کي ايمبولينس م واپس کڻي اچڻ لاء اھي بدڪردار ء وھشي بگھڙ پيغمبري پيشي پويان ويھي اھڙا دل دھلائيندڙ ڪم ڪندا آھن جنھن سان پوري انسان ذات جو ڪنڌ شرم مان جھڪي پوندو آھي ء انساني عقل چڪرائجي ويندو آھي. يونيورسٽين م نياڻين کي تعليمي درسگاھن م مالي سھائتا تہ پري پر اتان جي انتظاميان سندن پويان تڪا ڪھـاڙا تيز ڪري ساھ پرواز ڪرائڻ جي ڪوششن م مصروف ٿيندا ٿا وڃن. جن کي سنڌ جو ھر باشعور روڪڻ جي ڪوشش ڪري. ائين نہ ٿئي جو اسان ھوشيار ء محنتي ٽيلينٽ نياڻين کي وڃائي انھن جي خوابن تقميل نہ ٿئي انھن خوابن اڌ رھجي نہ سگھن.
جڏھن تہ چانڊڪا يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ قتل ڪيل ٻن نياڻين جي ڊي اي اين رپورٽ ظاھر ٿيو آھي جنھن کي پڙھڻ کان پوء خبر پئجي سگھي آھي اھي وھشي گروھ قابو نہ ٿي سگھيا انھي مان اھو ئي سمجھي سگھجي ٿو تہ ھيئر بہ الائي ڪيترين نياڻين کي ساھ وڃائڻ جو خطرو آھي ڪيتريون ئي نياڻيون پنھنجي پڙھائي اڌ م ڇڏي وڃي رھيون آھن جيڪي ھميشہ ھميشہ لاء مادري عملين کي الوداع ڪري ويو آھن جيڪي ھميشہ لاء ڳوٺن ء گھر لاء واپس نڪري ويون آھن ٻئي پاسي سنڌ حڪومت م شامل جماعت پ پ تي زوردار چماٽ آھي جيڪي نياڻين جا وري بڻجي ويا انھن تي ڪاروائي نہ ڪرائي رھي آھي ڇاڪاڻ پ پ جي انھن حڪمرانن کي ٻڌايا تہ توھان جي اڳواڻي بہ ھڪ نياڻي ڪئي جنھن م پھرئي نصرت ڀٽو ء پوء محترمہ بينظير ڀٽو ڪئي آھي جنھن م توھان جنھن جي ڪري توھان اقتدار م پھتا آھيو اھا کي تہ خاموش نہ رھڻ گھرجي.
اھڙن دل دھلائيندڙ ء نياڻين لاء تعليمي ادارن مقتل گاھ بڻائيندڙ خلاف سپريم ڪورٽ جلد نوٽيس وٺي وي سي سميت پوري انتطاميہ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏي. ڇاڪاڻ تہ عوام سان انصاف لاء آخري در سپريم ڪورٽ آھي جنھن مان انصاف جي ڀرپور اميد ڪئي آھي. ڇاڪاڻ تہ دنيا م سنڌ لاء غلط ميسج وڃي رھيو تہ سنڌي سائنسداد تہ ٺھيو پر شاگرد ء شاگردياڻين جي صحيح نموني حفاظت نٿا ڪري سگھن. جنھن سان دنيا م بدنامي ٿئي پئي.










