ماحولياتي تباهه ڪاريون ۽ بچاءَ جون حڪمت عمليون

ماحولياتي تباهه ڪاريون ۽ بچاءَ جون حڪمت عمليون

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) دنيا ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ موسمي تبديلين جي تناظر ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ شهرن کي ماحولياتي تباهڪارين کان محفوظ رکڻ جي سلسلي ۾ حڪمت عملي جوڙڻ بابت گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن راجا مجيب،شڪيله جسڪاڻي،منظور،جسڪاڻي،زاهد ميراڻي انورآزاد، الهورايو بوزدار، ستار گهوٽو, ماجد ميراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي اهو طئه ڪيو ته وڌ کان وڻ پوکجن، ته جيئن تازي هوا ۽ آڪسيجن حاصل ڪري سگهجي، پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال ختم ڪرڻ سميت اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اسانکي انسان دوست ماحول پئدا ڪرڻ جي لاءِ سخت ڪاوشون وٺڻ جي ضرورت آهي ته جيئن تيزي سان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين جي تباھ ڪارين کان ملڪ کي بچائي سگهجي، آخر ۾  اڳواڻن 20 سيپٽمبر تي سڄي دنيا طرفان ڌرتي کي ماحولياتي تباهڪارين کان بچائڻ واري جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ گهوٽڪي ۾ پڻ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي حصي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو نه ته وقت کان اڳ اسانجو ڌرتي تباھڪارين جي ور چڙهي تباهه ٿي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو