غوثپور(عبدالنبي ملڪ)پ پ پ ايم پي اي چيف سردار مير غلام عابد خان سندراڻي جي ڀاءُ مير ماجد علي خان سندراڻي جي جنازي نماز ڇنڇرتي دڙي سندراڻي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مرحوم جي عمر 47 سال هئي ۽ گزريل ڏينهن دل جو دورو پيو هئي ته سکر نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو هو. جنازي ۾ سائين محمد شاھ جيلاني،پ پ ضلع ڪشمور صدر مير گل محمد خان جکراڻي ضلع جنرل سيڪريٽري مير الطاف احمد خان کوسو سرادر تيغو خان تيغاڻي ، رئيس علي مراد اوڳاهي، ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي، پيپلزهاري ڪاميٽي ضلع ڪشمور صدر زاهد حسين ميراڻي ،سيد يعقوب علي شاھ ،بشير احمد شاھ، ۽ هزارين جي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪري تڏي تي پهچي پ پ پ ايم پي اي چيف سردار مير غلام عابد سندراڻي سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي










