سلطانپور(قربان مهر)ماتمي جلوس تي شرپسندن جو حملو ، 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. بروقت اطلاع تي رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا پھچي ويا جن بحفاظت جلوس کي روانو ڪيو. ڳوٺ مصري انڍھڙ کان سلطانپور لاءِ نڪرندڙ ماتمي جلوس جي قافلي سان ڳوٺ وزير ملاڻو ۾ واقعو پيش آيو.

ڌرين ۾ ٿيل جيھڙي ۾ ڏھ ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڊي ايس پي پنوعاقل سعيد شيخ ۽ رينجرز عملدار واقعي واري ھنڌ پھچي شيعا اڳواڻن کي تحفظ ۽ ملزمن خلاف ڪاروائي جي خاطري ڪرائيندي جلوس کي پنهنجي منزل سلطانپور طرف روانو ڪرايو.










