ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چيو ٿو وڃي ته ايندڙ دور مصنوعي ذهانت (AI) ٽيڪنالاجيءَ جو هوندو ۽ ان ۾ مهارت رکڻ ڪيريئر لاءِ انتهائي اهم هوندي. تنهنڪري جيڪڏهن توهان به AI ۾ مهارت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ سکڻ لاءِ پئسا خرچ ڪرڻ نٿا چاهيو ته توهان لاءِ هڪ سٺي خبر آهي. مائڪروسافٽ پاران گلوبل AI اسڪلز فيسٽيول جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن دوران ماڻهن کي مفت ۾ AI جي تربيت ڏني ويندي. هي 50 ڏينهن وارو ٽريننگ ايونٽ 8 اپريل کان 28 مئي 2025 تائين جاري رهندو. هي پروگرام نون سکندڙن کان وٺي پروفيشنل ماڻهن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪي اهو سمجهڻ چاهين ٿا ته AI ٽيڪنالاجي مستقبل ۾ روزگار جي موقعن تي ڪهڙا اثر ڇڏيندي ۽ ان کي ڪئين اثرائتي نموني سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. ته پوءِ هي پروگرام ڇو اهم آهي؟ دنيا جي آفيسن ۾ تيزيءَ سان تبديلي اچي رهي آهي، ڇو ته AI اوزار وڌيڪ طاقتور ٿي ويا آهن ۽ وسيع پيماني تي استعمال ٿي رهيا آهن. ڪمپنيون اهڙن ماڻهن کي ڳولي رهيون آهن، جيڪي انهن AI اوزارن کي استعمال ڪري سگهن. مائڪروسافٽ جو پيش ڪيل پروگرام ان ڪري اهم آهي، ڇو ته هي بلڪل مفت آهي ۽ دنيا جي هر ڪنڊ مان ماڻهو ان ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، ڪنهن به ٽيڪنالاجي واري ڊگري جي ضرورت ناهي. ته پوءِ ان جو حصو ڪيئن بڻججي؟ ان لاءِ توهان کي AI Skills Festival جي سرڪاري ويب سائيٽ تي وڃڻو پوندو. هتي توهان صرف ڪجهه منٽن ۾ مفت رجسٽريشن مڪمل ڪري سگهو ٿا. جڏهن توهان جي رجسٽريشن مڪمل ٿي ويندي، ته توهان کي 50 ڏينهن واري پروگرام تائين رسائي حاصل ٿي ويندي، جنهن ۾ لائيو سيشن، آن ڊيمانڊ مواد، ۽ ڪميونٽي ايونٽ شامل هوندا. اهي تربيت وارا سيشن 40 کان وڌيڪ ٻولين ۾ دستياب هوندا. هر سيشن 45 کان 60 منٽن جو هوندو، ته مصروف زندگيءَ مان ايترو وقت ڪڍڻ ڏکيو نه هوندو. مائڪروسافٽ هڪ پوائنٽ بيسڊ سسٽم به تيار ڪيو آهي، جيڪو مختلف چئلينجن ذريعي AI ٽيڪنالاجيءَ ۾ توهان جي ترقي کي ٽريڪ ڪندو. جيڪڏهن توهان پروگرام مڪمل ڪندا ته مائڪروسافٽ طرفان هڪ مفت سرٽيفڪيٽ به ڏنو ويندو.










