ماءُ ۽ ٻار جي صحت بابت آگاهي پروگرام منعقد ڪرايا وڃن: اي ڊي سي

مٺي (ن س)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر سارہ جاويد چيو آهي ته ٿرپارڪ HVر ۾ ماءُ ۽ ٻار جي بهتر صحت جي لاءِ صحت متعلق مادري زبان ۾ لٽريچر ٺاهيا وڃن ۽ آگاهي پروگرام منعقد ڪيا وڃن. جنھن سان عورتون فائدو حاصل ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي صحت جو بهتر خيال رکي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر ڪانفرنس هال مٺي ۾ پاپوليشن صحت تي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن اينڊ انٽيگريشن ڪاميٽي جي ميمبرن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ٿرپارڪر سنجي ڪمار سميت ٻيا لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ سماجي تنظيمن جا نمائندا موجود هئا. هن پاپوليشن آفيسر ٿرپارڪر کي هدايت ڪندي چيو ته انهي حوالي سان پنهنجو فالو اپ ۽ ڪميونيڪيشن سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي، ان سان گڏ زياده آگاهي پروگرام منعقد ڪيا وڃن. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٿرپارڪر صحت کاتي ٿرپارڪر جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو بنيادي ڪردار آهي، انهن سان تعلقه سطح تي اجلاس منعقد ڪيا وڃن. ليڊي هيلٿ ورڪرز ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ عورتن جي بهتر صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سميت ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي جي فائدن بابت آگاهي ڏين. تعليم کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هائي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي به عورتن جي صحت جي متعلق آگاهي ڏيڻ لاءِ هر ڇهن مهينن تي سيمينار ڪرايا وڃن. پاپوليشن کاتو اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ليڊي استادن کي تربيت ڏين ۽ اهي استاد پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي عورتن جي صحت بابت آگاهي فراهم ڪن. هن چيو ته جيستائين ماءُ صحتمند نه هوندي تيستائين صحتمند ٻار پيدا ٿي نٿو سگهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته پاپوليشن ويلفيئر کاتو پنهنجي آگاهي منصوبن کي بهتر بڻائي. عورتن کي آگاهي ڏني وڃي ته ٻار جي بهتر صحت لاءِ ضروري آهي ته ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال تائين ماءُ جو کير پياريو وڃي. هن چيو ته پاپوليشن ويلفيئر کاتو ٻهراڙي جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ آگاهي پروگرام منعقد ڪري، جنهن سان بهترين نتيجا ملي سگهن ٿا. ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ٿرپارڪر اعجاز علي سيال گذريل سال جي آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين کاتي پاران ڪيل ڪارڪردگي متعلق آگاہ ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي تعاون جي اپيل پڻ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو