ملير (شهزادو مستوئي) ابراهيم حيدري ريڙهي لڳ اڏاوت هيٺ ڪوئلي تي هلندڙ لڪي ڪول پاور پلانٽ خلاف ماهيگير بچايو اتحاد جي سڏ تي سمنڊ ۾ سوين ٻيڙين ۽ لانچن ۾ هزارين مهاڻن خليفو جت پاڙي کان بجلي گهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. مظاهرو ڪندڙن هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر نامنظور، روزگار بچايو، ماحول بچايو، مهاڻا بچايو لڪي ڪول پاور پلانٽ جي اڏاوت نامنظور، سمنڊ ۾ گدلاڻ پکيڙڻ بند ڪريو، تمر جا ٻيلا تباهه ڪرڻ بند ڪريو جي نعرن سان سمنڊ ٻري اٿيو. ريلي ۾ سول سوسائٽي، صحافين سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان دوران رينجرز ۽ پوليس جا وڏا اٽالن پهچي بجلي گهر جو گهيراءُ ڪري ريلي کي روڪڻ لاءِ چتاءُ ڏيندا رهيا، ان باوجود ريلي پنهنجي منزل تي پهچي احتجاج نوٽ ڪرائي لڪي ڪول پاور پلانٽ پل کان ٿيندي واپس ريڙهي ڳوٺ پهچي هڪ وڏي جلسي جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سيد يوسف شاهه چيو ته اسان سمنڊ جي ڇولين سان وڙهي مڇي ماريون ٿا جنهن ذريعي اسان جو ملڪ اربين رپيا پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري ٿو ان جي باوجود اسان ماهيگيرن کي هر طرف کان چٿريو ۽ چيڀاٽيو پيو وڃي. ڪڏهن فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي مول ٽئڪس ۽ ڀتي جي نالي تي ته ڪڏهن غير قانوني فشنگ جيٽين جي اوٽ ۾، ڪڏهن مڇين جا اگھه ڪيرائي ته ڪڏهن تمر جا ٻيلا وڍي اسان کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جن رستن تان لنگھي مڇيون مارڻ ويندا آهيون اتي پل ٺاهي اسان جي روزگار جا رستا بند ڪيا ويا آهن پورٽ قاسم اٿارٽيءَ سمنڊ تي قبضا ڪري اڳي ئي هن علائقي کي اسان لاءِ نوگو ايريا بنائي ڇڏيو آهي تازو اتي پورٽ قاسم جي عملي غريب مهاڻن تي غير انساني تشدد ڪري انهن کي رتو رت ڪري ڇڏيو. هن پاور پلانٽ جي اڏاوت سان ملير جي ماهيگير وسندين سان گڏ ڀرپاسي واريون سموريون شهري آباديون پڻ ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهي ويندا ۽ لکين انسان ، ڪينسر ، ٽي بي ، اکين ۽ ساهه جي بيمارين ۾ وڪوڙجي ويندا. جيڪڏهن انسان دشمن ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر جي اڏاوت روڪي نه وئي ته سموري سنڌ جا لکين مهاڻا ٻيڙي ۾ سواري ٿي ڪول پاور پلانٽ جو گهيراءُ ڪندا. ان موقعي تي عرفان ڪڇي، فاطمه مجيد، رشيد سڌايو، مجيد موٽاڻي، صالح جت، غلام نبي جت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










