جروار (محمد بخش گبول)پيپلز پارٽي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر پاران لُنڊ برادري جي چيف سردار فياض علي خان لُنڊ، ۽ پ پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر علي خان لُنڊ سان ڳوٺ صاحب خان لُنڊ پهچي سندس ڀاءُ رضوان خان لُنڊ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ تعزيت ڪئي. رضوان خان ڪورونا سبب ڪجهه هفتا اڳ فوت ٿي ويو هو. ان موقعي تي بلدياتي اليڪشن ۽ سياسي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.










