باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ٻٽ واسي کنڀجي گم ڪيل نوجوان ليکڪ ظهير ٻٽ جي آزادي لاء ڀاءُ سڌير ٻٽ جي اڳواڻي ۾ وارثن جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي آزاد ڪرڻ لاء سخت نعريبازي ڪئي وئي هوڏانهن کنڀجي گم ڪيل نوجوان شاعر ظھير ٻٽ جو ڀاء سڌير ٻٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کنڀي گم ڪيل منهنجي ڀاء جي خلاف ڪو بہ ڪيس داخل ناهن.هن چيو ته 3 سال اڳ پوليس وٽ پيش به ٿيو هو. هن مٿان داخل ڪيس ختم ڪيا ويا هئا.کيس کنڀي گم ڪرڻ جو ڪو بہ جواز ناهي.بنا کيس آزاد ڪيو وڃي جڏھن ته ياد رهي ته ڏوڪري ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ نوجوان ليکڪ ظهير بسمل ٻٽ موهن جو دڙو جي تاريخي ماڳ تان ڪالھ واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار موهن جو دڙو ٻلھڙيجي لاڙي وٽان کيس موٽر سائيڪل تان لاهي کنڀي کڻي ويا هئا.جڏھن ته ظهير بسمل ٻٽ جي وارثن سندس کنڀجڻ بابت ايئرپورٽ ٿاڻي تي به اهڙو اطلاع ڏنو ويو آھي.










