ليه زمين اسڪينڊل: عمران خان ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي سميت طلب

ليه زمين اسڪينڊل: عمران خان ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي سميت طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)اينٽي ڪرپشن ليه لينڊ ڪرپشن اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.اينٽي ڪرپشن طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان ۽ ڀائٽي کي به ان ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن ترجمان موجب طلبي جو نوٽيس چيئرمين پي ٽي آءِ جي رهائشگاهه تي چسپاں ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن ترجمان جو چوڻ آهي ته زمين اسڪينڊل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن.ترجمان اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته عدم تعميل يا غير حاضري جي صورت ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.اينٽي ڪرپشن موجب چيئرمين پي ٽي آءِ جي ڀيڻ عظميٰ خان ۽ سندس مڙس احد مجيد پوني جي شهر ليه ۾ 5 هزار 182 ڪنال زمين خريد ڪئي هئي، ان زمين جي موت 2022ع ۾ رجسٽرڊ ٿي هئي.گذريل مهيني ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن ڊي جي خان ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو