ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ کي دهشتگردن اغوا کانپوءِ شهيد ڪري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ کي دهشتگردن اغوا کانپوءِ شهيد ڪري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردن بلوچستان جي علائقي زيارت ۾ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ مرزا کي شهيد ڪري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ مرزا کي 12 ۽ 13 جولاءِ جي رات زيارت ڀرسان اغوا ڪيو هو.آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن ڪرنل لئيق بيگ جي ڪزن عمر جاويد کي به اغوا ڪيو هو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ ڪرنل لئيق بيگ ڊي ايڇ اي ڪوئيٽا ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، لئيق بيگ ۽ سندس ڪزن جي اغوا جي اطلاع تي آڙمي ڪوئيڪ ري ايڪشن فورس رواني ڪئي وئي، جنهن دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن جي منگي ڊيم وٽ موجودگي جو پتو لڳايو.آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد به مارجي ويا، سرچ آپريشن ۾ ايس ايس جي جوانن ۽ هيلي ڪاپٽرن حصو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو