راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور کي ڪمانڊر 12 ڪور ڪوئيٽا مقرر ڪيو ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور کي ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي آپريشن دوران هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد ٿي ويو هو.










