ليجنڊ اداڪار شڪيل 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ليجنڊ اداڪار شڪيل 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اداڪار شڪيل 85 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪيل احمد گذريل ڪجهه ڏينهن کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ۽ اڄ هو پنهنجي خالق حقیقی سان مليو.وارثن جو چوڻ آهي ته اداڪار شڪيل جو بائي پاس آپريشن ٿيو هو ۽ هو ڪيترن ئي سالن کان بيمار هو.اداڪار شڪيل جو اصل نالو يوسف ڪمال هو. هن ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پرفارم ڪيو.اداڪار شڪيل جي مشهور ڊرامن ۾ چاچا عارفي، آنگن تيدا، اڻڄاڻ شامل آهن. ذريعن موجب اداڪار شڪيل جي ڌيءَ سعودي عرب کان اڄ رات ڪراچي پهچندي، اداڪار جو پٽ اڳ ئي ڪراچي ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو