ليبين آرمي چيف جو جهاز حادثي جو شڪار، وزيراعظم فوت

ليبين آرمي چيف جو جهاز حادثي جو شڪار، وزيراعظم فوت

انقرهه (ويب ڊيسڪ)ليبيا جي آرمي چيف محمد علي احمد الحداد جو جهاز ترڪي جي شهر انقره کان اڏامڻ کان پوءِ ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز جو ملبو مليو. جهاز ۾ 5 ماڻهو سوار هئا، جن ۾ آرمي چيف به شامل هو. جهاز جو ملبو ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد مليو، ترڪ ميڊيا موجب، ليبيا جي وزيراعظم آرمي چيف جي موت جي تصديق ڪئي آهي.ترڪ ميڊيا موجب، جهاز انقره ايئرپورٽ تان اڏامڻ کان ٿوري دير بعد لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان پوءِ رابطو قائم نه ٿي سگهيو.ترڪ وزير داخلا موجب، جهاز انقره ايسن بوگا ايئرپورٽ کان رات 8:10 تي طرابلس لاءِ روانو ٿيو ۽ رات 8:52 تي ان سان رابطو ٽٽي ويو.ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد، ڊسالٽ فالڪن 50 قسم جي جهاز جو ملبو انقره جي هيمانا ضلعي ۾ مليو.ليبيا جي وزيراعظم چيو ته ليبيا جي آرمي چيف ترڪي جي سرڪاري دوري کان پوءِ انقره کان طرابلس واپس اچي رهيو هو ته سندس جهاز ڪري پيو. ليبيا جي زميني فوج جو ڪمانڊر، ملٽري مينوفيڪچرنگ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر، چيف آف اسٽاف جو صلاحڪار ۽ چيف آف اسٽاف آفيس جو فوٽوگرافر پڻ جهاز ۾ سوار هئا، جيڪي حادثي ۾ مارجي ويا.هن دوري دوران، ليبيا جي آرمي چيف ترڪي جي دفاع واري وزير ياسر گلر ۽ سندس هم منصب سيلڪوڪ بيرڪتاروگلو سان ملاقات ڪئي.حادثي کان هڪ ڏينهن اڳ، ترڪي پارليامينٽ ان فيصلي جي منظوري ڏني ته ترڪي فوجون ليبيا ۾ ٻن سالن لاءِ مقرر ڪيون وينديون. جهاز جي حادثي جو سبب معلوم ناهي.ان کان اڳ، ترڪي اختيارين چيو هو ته ايسن بوگا ايئرپورٽ پروازن لاءِ بند ڪيو ويو هو، ۽ جهاز هيمانيه جي ويجهو هنگامي لينڊنگ جي رپورٽ ڪئي هئي.هنگامي لينڊنگ جي رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ، جهاز سان رابطو ٻيهر قائم نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو