لوئر اسٽاف ايجوڪيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، ريلي

لوئر اسٽاف ايجوڪيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، ريلي

سڪرنڊ (رپورٽ راجڪمار اوڏ) آل سنڌ لوئر اسٽاف ايجوڪيشن سڪرنڊ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي تعلقي ايجوڪيشن آفيس سڪرنڊ مان ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پهتي.ريلي جي اڳواڻي ڌڻي بخش ملاح، عزيز لاکو، امام بخش سيال، ايوب ملاح، امتياز ڪيريو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان لوئر اسٽاف جي جائز مسئلن کي هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي، انهن کي به پاڪستان جي ٻين صوبن جي ملازمن جهڙيون جائز مراعتون ڏنيون وڃن.هنن چيو ته لوئر اسٽاف کي ٽائيم اسڪيل، يوٽيلٽي الائونس، وردي الائونس  ڏنو وڃي، جڏهن ته بايوميٽرڪ جي آڙ ۾ انهن جون پگهارون بند ڪري انهن کي تنگ ڪيو وڃي ٿو جيڪو سخت مذمت جوڳو عمل آهي، جنهن کي ڪنهن کي به صورتحال ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.هنن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته سنڌ ايجوڪيشن کاتي جي لوئر اسٽاف کي سرڪاري ڪوارٽر الاٽ ڪيا وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.احتجاجي ريلي ۾ هارون ڪيريو، انور سومرو، مختيار جمالي ۽ لوئر اسٽاف جا ٻيا سوين ملازم  موجو هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو