ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻن چيو آهي ته لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي ملڪيتن تي شهيدن جو حق آهي، ملڪيتن جي مالڪ ايم ڪيو ايم پاڪستان آهي.ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي ۽ فاروق ستار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم 22 آگسٽ 2016 تي پاڪستان جي حرمت لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي هئي، لنڊن ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي قيادت جو ملڪيتن تي تڪرار آهي، لنڊن ۾ اڳوڻي قيادت اهو تاثر ڏئي رهي آهي ته هو ڪامياب ٿي ويا آهن.هن چيو ته لنڊن جي ملڪيتن جي مالڪ ايم ڪيو ايم پاڪستان آهي، لنڊن جي ملڪيتن تي ڪنهن ٻئي جو حق نه آهي، 6 پراپرٽيز جو ڪوبه اڪيلو مالڪ نه آهي، لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي شهيدن جون ملڪيتون ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ٿي رهيون آهن، پراپرٽي ڪنهن جي ذاتي کيسي ۾ نه وڃڻ گهرجي.هن چيو ته لنڊن جي پراپرٽيز کي شهيدن جي فائونڊيشن ٺاهي انهن جي حوالي ڪرڻ چاهيون ٿا، سموريون ملڪيتون حاصل ڪري فلاحي ڪمن تي خرچ ڪنداسين. هن چيو ته اسان 23 آگسٽ 2016 تي لنڊن کان لاتعلق ٿيا هئاسين اسان جي 22 اگسٽ کان پوءِ لنڊن سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي. جيڪڏهن هنن کي شهيدن جو ايترو ڏک آهي ته لنڊن مان هڪ ماڻهو اماڻين اسان ٽرسٽ ٺاهيون ٿا اسان ثابت ڪنداسين ته اها ايم ڪيو ايم پاڪستان وارن جي ملڪيت آهي.خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ ئي آهي جيڪا اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ آهي، اها ملڪيت امانت آهي جنهن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي.










