لمپي اسڪن، انسانن ۾ منتقل ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي

لمپي اسڪن، انسانن ۾ منتقل ٿيڻ جو ڪو خطرو ناهي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ جانورن ۾ ڦهليل چمڙي جي بيماري لمپي اسڪن بابت آغا خان يونيورسٽي جي تحقيق ڪارن ۽ ماهرن چيو آهي ته اها انسانن ۾ ڦهلجڻ جو ڪو خطرو ناهي. ماهر تفصيلي مطالعي کان پوء، ان نتيجي تي پهتا آهن ته متاثر ٿيل جانورن جو گوشت ۽ کير جو استعمال “انساني جسم ۾ بيماري منتقل نه ڪندو آهي.” پنهنجي تحقيق ۾ ’ايمرجنگ انفيڪشن الرٽ: ليمپي اسڪين ڊيزيز‘، تنظيم فوڊ سيفٽي ۽ تمام مناسب احتياط تي زور ڏئي ٿي ۽ صرف جراثيم کان پاڪ يا چڱيءَ طرح اُٻاريل کير يا ڏهي يا پڪل گوشت کائڻ جي سفارش ڪري ٿي. هي بيماري پکڙجڻ جو سبب ٻڌائيندي اسٽڊي ۾ چيو ويو آهي ته هي موذي مرض ڪيڙن، مڪوڙن جي ڏنگڻ، چڪ پائڻ سبب ٿيندڙ زخمن مان مکين ۽ مڇرن سبب پکڙجي سگهي ٿو. صارفين لاء، مطالعي جو سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل حصو “انساني زندگي کي خطرو” هو، جنهن بابت آغا خان يونيورسٽي جي تحقيق ڪارن هر اهم سوال جو جواب ڏنو، ۽ پهرين نقطي ۾ چيو ته “ان ۾ ڪو به نقصان ناهي.” محققن جو چوڻ آهي ته ”ان ڳالهه جو ڪو ثبوت ناهي ته ڪو انسان گوشت ۽ کير استعمال ڪرڻ سان هن بيماري سبب متاثر ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو