لطيف کوسا جي گهر تي فائرنگ، ڊرائيور زخمي

لطيف کوسا جي گهر تي فائرنگ، ڊرائيور زخمي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر لطيف کوسا جي گهر تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيو.لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر جي گهر تي رات دير سان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ فرار ٿي ويا.ان حوالي سان لطيف کوسا جو چوڻ هو ته نامعلوم ماڻهن گهر تي فائرنگ ڪئي جيڪا ايتري ته زوردار هئي جو گوليون اندر بيٺل گاڏين کي لڳيون ۽ فائرنگ سان منهنجو ڊرائيور پڻ زخمي ٿي پيو.ٻئي طرف فائرنگ واري واقعي کانپوءِ ايس پي ڪينٽ اويس شفيق اڳوڻي گورنر پنجاب لطيف کوسا جي گهر پهچي ويو.پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب لطيف کوسا جي گهر تي پستول ۽ رائفل مان 7 فائرنگ ڪئي وئي، هڪ گولي گيراج ۾ موجود ڊرائيور جاويد کي لڳي، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين موجب سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيجز مان حملي آورن جي سڃاڻپ لاءِ مدد ورتي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو