ڀٽ شاهه (ن س)سنڌ جي گورنر نهال هاشمي چيو آهي ته موٽر وي لاءِ 6 ارب رپيا ڏنا ويا هئا جيڪي گم ٿي ويا آهن، ۽ ٻڌو آهي ته اهي مٽياري جي ڀرپاسي ۾ گم ٿيا آهن، جيڪڏهن ملن ته مونکي ٻڌائجو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 283هين عرس مبارڪ جي موقعي تي مزار تي چادر چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر نهال هاشمي صحافين سان جملن جي ڏي وٺ ڪئي. هڪ صحافي کي ڏسي هن چيو ته ”توهان ڇو ٿا مسڪرايو؟“ ۽ کانئس مسڪراهٽ جو سبب پڇي ورتائين، هن سياسي گفتگو ڪندي چيو ته ميان نواز شريف جيترو ڪشمير سان محبت ڪري ٿو، اوتري ئي کيس ڪشمور سان پيار آهي. سنڌ ۾ ماضي ۾ جيڪا دهشتگردي ۽ ڌاڙيل راڄ هو، ان جو خاتمو نواز شريف ئي اچي ڪيو، جنهن ڪري سنڌ ۾ امن بحال ٿيو.سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ خطاب ڪندي گورنر نهال هاشمي چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ آهي. لطيف سائين کي رڳو سنڌ تائين بند ڪري نه رکو، ڇاڪاڻ ته الله سائين کيس سڄي ڪائنات ۽ انسانيت لاءِ پيدا ڪيو هو. هن چيو ته ڀٽائي جو پيغام امن، محبت، انسانيت ۽ ڀائپي جو درس ڏئي ٿو ۽ سڄي سنڌ واسين کي گهرجي ته اهي شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪن ۽ ان تي عمل ڪن. ان کان اڳ گورنر مزار تي چادر چاڙهي سنڌ ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ امن لاءِ خاص دعائون گهريون، جنهن سان گڏ ئي ٽن ڏينهن وارين سرڪاري تقريبن جو باقاعده آغاز ٿي ويو آهي. عرس جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين زائرين ۽ عقيدتمند ڀٽ شاهه پهچي رهيا آهن.










