لاهور (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت ڀارتي گلوڪاره لتا منگيشڪر کي خراج عقيدت پيش نه ڪرڻ تي عالمي گريمي ۽ آسڪر ايوارڊز جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق گريمي ۽ آسڪر ايوارڊ جون تقريبون هر سال دي رڪارڊنگ اڪيڊمي ۽ اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنسز پاران منعقد ڪيون وينديون آهن. تازو ئي دنيا جي اعليٰ ترين گريمي ايوارڊز جي 64 هين سالياني تقريب ۾ ڀارتي ڳائڻي مرحوم منگيشڪر کي ’اِن ميموري‘ سيگمينٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو، جنهن جو ذڪر به نه ڪيو ويو ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪارا لتا منگيشڪر کي خراج عقيدت پيش نه ڪرڻ تي آسڪر ۽ گريمي ايوارڊز جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي، ڪنگنا آسڪرز ۽ گريمي ايوارڊز تي تعصب ۽ نسل پرستيءَ جو الزام لڳايو، ڇاڪاڻ ته هوءَ مشهور ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۾ بار بار ناڪام رهي.










