لاڙڪاڻو: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

لاڙڪاڻو: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجه ڦيڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهال جي مياڻي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن نوجوان عقيل احمد سهتو کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ان حوالي سان حد جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شروعاتي جاچ مطابق وارثن ٻڌايو آهي ته جتوئي ۽ عمراڻي ذات جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ هو جنهن تان هٿياربندن عقيل سهتو کي گهرجي در تي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن جنھن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون ٻئي طرف مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته جتوئي ۽ عمراڻي ذات جي ماڻهن گهر جي در تي عقيل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو