لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي پوليس وليد جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي بدنام زمانه منشيات وڪرو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته گرفتار ڪيل منشيات فروش عورت جي سڃاڻپ مڪول گروپ جي سرغنه ضميره مڪول جي نالي سان ٿي آهي. جوابدار عورت جي قبضي مان هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪئي وئي آهي. گرفتار ٿيل عورت جو مڙس نادر ۽ پٽ راشد مڪول به منشيات وڪرو ڪرڻ جي درجنن ڪيسن ۾ ملوث آهن ۽ اڳ ئي جيل ۾ آهن.ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري وڌيڪ ٻڌايو ته مڙس ۽ پٽ جي غير موجودگي ۾ جوابدار عورت ننڍي عمر جي نياڻين کان منشيات سپلائي ڪرڻ جو ڪم وٺندي هئي. جوابدار ضميره خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










