لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پهرين سيپٽمبر کان تعليمي سرگرميون ٻيهر شروع ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، لاهور جا سڀئي اسڪول گرمين جي موڪلن کان پوءِ پهرين سيپٽمبر کان ٻيهر کُلي ويندا.ضلعي انتظاميا موجب، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪول في الحال بند رهندا.ضلعي انتظاميا سڀني اسڪولن کي اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو آهي.










