لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڀاڄين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور ۾ ٽماٽن جي قيمت 200 روپيه ڪلو ٿي وئي آهي جڏهن ته ٿوم جي سرڪاري قيمت 550 ۽ مارڪيٽ ريٽ 600 روپيه ڪلو ٿي ويو آهي.ادرڪ جي سرڪاري قيمت 285 روپيه ۽ مارڪيٽ ريٽ 350 روپيه ڪلو آهي، اهڙي طرح بصر جي سرڪاري قيمت 62 روپيه في ڪلو آهي پر مارڪيٽ ۾ 70 کان 75 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.انهي کان علاوه ساين مرچن جي سرڪاري قيمت 105 روپيه في ڪلو آهي جنهن جو مارڪيٽ ريٽ 180 روپيه ڪلو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته هر شيءَ مهانگي ڪئي وئي آهي ٽماٽا به پهچ کان پري ٿي ويا آهن، حڪومت کان مطالبو آهي ته روزاني جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. هوڏانهن دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ جو خرچ وڌي ويو آهي انهي لاءِ مهانگي سبزي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهيون.










