لاهور(ويب ڊيسڪ) عورتن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ لاهور شهر ۾ ’شي ڊرائيو‘ نالي سان نئين سروس شروع ڪئي وئي آهي. هن نئين آن لائين رائيڊ سروس جي گاڏين جا ڊرائيور توڙي مسافر عورتون يا کدڙا هوندا. هن ڪمپني جي مالڪ عماز فاروقي جو چوڻ آهي ته هن سروس جو مقصد عورتن ۽ کدڙن کي محفوظ ۽ آسان سفري سهولت مهيا ڪرن آهي. هن چيو ته هن سروس جي ايپ ۾ هيلپ جو بٽڻ آهي، ڊرائيور يا مسافر جيڪڏهن ڪو خطرو محسوس ڪري ته اهو بٽائڻ دٻائي ته شهر جي سيف سٽي اختيارن کي الرٽ هليو ويندو ۽ کين بروقت پوليس جي مدد ملي سگهندي. ڪمپني عورت ۽ کدڙن کي ڪمپني ۾ ڊرائيور ڀرتي ڪرڻ لاءِ اشتهار به ڏنو آهي.ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن سروس ذريعي عورتن ۽ کدڙن فقيرن کي روزگار جو موقعو به ملندو.










