لاهور ۾ جلسي، جلوس ۽ ريلين تي پابندي لاڳو

لاهور ۾ جلسي، جلوس ۽ ريلين تي پابندي لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي گهرو کاتي لاهور ۾ جلسي، جلوس ۽ ريلي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب لاهور ۾ احتجاج، ڌرڻا ۽ مظاهرن تي به پابندي لڳائي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پابندي اڄ کان لاڳو ٿيندي جيڪا 7 ڏينهن تائين جاري رهندي.پنجاب جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته پابندي لاهور ۾ ٽريفڪ ۽ سيڪيورٽي جي خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو