لاهور ۾ بيڪرين کي صبح 1 وڳي تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت

لاهور ۾ بيڪرين کي صبح 1 وڳي تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ بيڪريز کي صبح 1 وڳي تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت انڊر پاسن بدران روڊن جي مرمت بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.عدالت چيو ته روڊن کي ريماڊل ڪرڻ بدران انڊر پاسز ٺاهيا پيا وڃن، مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن پر وڌي رهيا آهن، ٽريفڪ پوليس جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي ضرورت آهي، وٽن ڪيمرا ۽ ٻيا ڊوائيس هجڻ گهرجن.ٻڌڻي دوران عدالت بيڪريز کي صبح 1 وڳي تائين هلائڻ جي اجازت ڏيندي ماحولياتي سفير مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.عدالت چيو ته پاڻي ۽ ماحولياتي ڪميشن ايندڙ ٻڌڻي تي ماحولياتي سفير جي نالي جي سفارش ڪري.ان کان علاوه عدالت ايل ڊي اي کي جوهي ٽائون ۾ مال جي چوڌاري غيرقانوني پارڪنگ هٽائڻ ۽ غير قانوني پارڪنگ ڪندڙن کي ڏنڊ ڏيڻ جو به حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو