لاهور ۾ اٽو مهانگو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2800 رپيا ٿي ويو

لاهور ۾ اٽو مهانگو، 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2800 رپيا ٿي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ فلور ملز مالڪن اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ ڪري ڇڏي.فلور ملز ايسوسيئيشن موجب اٽي جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ مارڪيٽ ۾ اٽي جو 20 ڪلو ٿيلهو 2800 رپيا ٿي ويو آهي.اٽي جي اگهه ۾ واڌ تي فلور ملز مالڪن جو چوڻ آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي اگهه ۾ واڌ سبب اٽو مهانگو ڪرڻو پيو، 20 ڪلو ٿيلهي جي ايڪسل مل جو اگهه 2750 رپيا ٿي ويو آهي. پرچون قيمت 2800 رپيا تائين پهچي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب مئي ۾ هن وقت تائين 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 200 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو