لاهور: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺ دٻجڻ  سبب 9 ڄڻا فوت

لاهور: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺ دٻجڻ سبب 9 ڄڻا فوت

لاهور (بيورو رپورٽ): پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ هڪ انتهائي دردناڪ ۽ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي هڪ پراڻي گهر جي ڇت اچانڪ ڪرڻ سبب ملبي هيٺ دٻجي 9 ڄڻا معجزاڻي طور فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب هي واقعو باغبانپوره سُک نهر جي ويجهو پيش آيو، جتي گهر جي ڇت ڪمزور هجڻ ڪري اوچتو ويهي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا موقعي تي ئي دم ڏئي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا سخت زخمي ٿيا آهن. زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاهور حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضياع تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اختيارين کي زخمين جي بهترين علاج جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي فيصل آباد جي علائقي ۾ به تيز برسات دوران هڪ مڪان جي ڇت ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، جنهن ڪري ٻنهي شهرن ۾ برساتي حادثن سبب سوڳ وارو ماحول آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو