لاهور(ويب ڊيسڪ)هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ لاهور جا اوپنر نه هليا، وين در دسن پي ايس ايل جي هن سيزن جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي ۽ 52 بالن تي 104 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، صاحبزاده فرحان 3 چوڪا هڻي 12 بالن تي 15 رنسون ٺاهي نوين الحق جي بال تي ڪيپر حسيب الله هٿا ڪيچ ٿيو، فخر الزمان کي 4 رنز تي ليوڪ ووڊ بولڊ ڪيو، هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 23 بالن تي 29 رنز ٺاهي شائي هوپ سلمان ارشاد جي بال تي بولڊ ٿيو. وين در دسن زبردست بيٽنگ ڪندي 50 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي. آخري 6 اوورز ۾ 87 رنز گهربل هيون. رن ريٽ 14 کان به مٿي هليو ويو هو. ٽن چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 20 رنز ٺاهي ا حسن ڀٽي آئوٽ ٿي ويو. آخري اوور ۾ 18 رنز گهربل هيون. پهرين ٻن بالن تي سنگل ٺهيون جنهن بعد سڪندر رضا ٻئي رن مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ رن آئوٽ ٿي ويو. ٻن بالن تي 15 رنسون گهربل هيون ڪارلوس بريٿويٽ هڪ بال مس ڪري آخري بال تي ڇڪو هنيو پر لاهور 8 رنسن تان ميچ هارائي وئي. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي ٻارهين ميچ ۾ پشاور زلمي لاهور قلندرز کي کٽڻ لاءِ 212 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي پشاور زلمي کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. حارث رئوف زخمي هجڻ سبب پي ايس ايل 9 مان ٻاهر ٿي ويو آهي، هو 24 جنوري تي قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف ڪيچ ڪندي ڪري پيو هو جنهن سبب ساڄي ڪلهي ۾ زخم آيو هئس. اوپنر بابر ۽ صائم ايوب 136 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي، صائم شاندار اڌ سينچري اسڪور ڪئي. بابر 48 ۽ صائم 88 رنسون ٺاهيون. ان کان علاوه رومان پال 20 بالن تي 46 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، آصف علي 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته محمد حارث 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ والٽر 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور قلندرز طرفان شاهين آفريدي 3 ۽ جهانداد خان هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته لاهور قلندرز ٽورنامينٽ ۾ هن وقت تائين هڪ به ميچ نه کٽي سگهي آهي، کيس 4 ميچن ۾ مسلسل شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ پوائنٽ ٽيبل تي باٽم تي آهي.
سنڌيار ڪراچي 14 مئي 2024
ايوب جو لاش ڪڍي ڦاسي ڏني وڃي،خواجه آصف
ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سياسي پريس ڪانفرنس رد،9 مئي بهانو هيو
وطن خاطر جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا عظيم شئي ناهي: آرمي چيف
ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور، بجلي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ،احتجاج جاري
آرمي چيف کي خط لکڻ جو فيصلو،مروت سعودي وفد خلاف ڳالهايو
77 اضافي مخصوص سيٽون معطل، نوٽيفڪيشن جاري
نان فائلرز جي موبائل بيلنس مان 100 مان 90 روپيه ٽيڪس ڪٽوتي جو فيصلو
وزيراعظم شهباز شريف پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
ايس ايڇ اوز ٻاهر نڪرن ۽ علائقن کي محفوظ بڻائين: لنجار
منظور ويٽو خاندان سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل
لڪي مروت ۾ آپريشن، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جا 2 دهشتگرد مارجي ويا
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي،انڊيڪس 74 هزار جي حد پار
ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، پاڪستان جي مدد جاري رهندي: مشن چيف
پي ٽي آءِ جو آزاد ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن جي حمايت جو اعلان
آزاد ڪشمير جي مسئلن جي حل لاءِ 3 ارب رپين جي منظوري
ڪڻڪ اسڪينڊل، ايم ڊي ۽ جي ايم پاسڪو معطل،ايپ تيار ڪريو
حساس ۽ ڳجهي معلومات ظاهر ڪندڙن خلاف ڪاراوئي جو فيصلو
سنڌ جي عوام لاءِ انقلابي قدم کڻي رهيا آهيون، شرجيل ميمڻ
هٿيارن جي نمائش ڪندڙ 5 سيڪيورٽي گارڊ گرفتار