لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان لاهور ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 93 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچز ۾ زيرو هڪ جي برتري حاصل ڪري ورتي.لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾، مهمان ٽيم پاڪستان پاران ڏنل 277 رنسن جي هدف جي جواب ۾ صرف 183 رنسون ٺاهي سگهي.پاڪستان لاءِ، نعمان علي ۽ شاهين شاهه آفريدي 4-4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ساجد خان 2 وڪيٽون ورتيون. پهرين اننگ ۾ پاڪستان378 ۽ ٻئي اننگ ۾ 167 رنز ٺاهيون هيون. جنهن جي جواب ۾ ورلڊ چيمپئنڇکڻ افريڪا پهرين اننگ ۾ 269 ۽ ٻئي اننگ ۾“ 183 رنسون ٺاهي سگهي. مهمان ٽيم جو اوپنر ريان رڪلٽن 45 ۽ ڊيوالڊ بريوس 54 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. تفصيلي اسڪور ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.










