اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن کان پوءِ اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي. پڌرائي موجب جوڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ججز حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار، حيدر اعواڻ ۽ جسٽس سردار اڪبر علي جي مستقلي جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح جسٽس سيد احسن رضا، جسٽس ملڪ جاويد اقبال ۽ جسٽس محمد جواد ظفر کي به مستقل جج بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جوڊيشل ڪميشن اجلاس جي پڌرائي موجب جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ محمد اويس خالد ۽ جسٽس چوڌري سلطان محمود جي مستقلي جي به منظوري ڏني وئي آهي. جڏهن ته جسٽس تنوير احمد شيخ ۽ جسٽس عبهر گل کي به مستقل جج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.جوڊيشل ڪميشن جي پڌرائي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج راجا غضنفر علي خان کي مستقل نه ڪيو ويو جڏهن ته ايڊيشنل جج طارق محمود باجوه کي 6 مهينن جي واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جا 2 ميمبر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ مسلسل غير حاضر رهيا آهن.










