لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله طرفان استعيفيٰ ڏيڻ جي 2 ڏينهن بعد لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج به عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.رپورٽ موجب ستاويهين آئيني ترميم کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرين جج بطور احتجاج طور استعيفي ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمس محمود مرزا استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.جسٽس شمس محمود مرزا استعيفيٰ صدر پاڪستان ڏانهن اماڻي ڇڏيو، جسٽس شمس محمود مرزا پنهنجو چيمبر به خالي ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس شمس محمود مرزا جي 27هين آئيني ترميم کان پوءِ بدلي جو امڪان هو. جسٽس شمس محمود مرزا لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي جو ميمبر هو. جسٽس شمس محمود مرزا 22 مارچ 2014 تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج جي حيثيت سان حلف کنيو، جسٽس شمس محمود مرزا کي 2028 ۾ رٽائرڊ ٿيڻو هو.جسٽس شمس محمود مرزا سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ضياءَ محمود مرزا جو پٽ آهي جسٽس شمس محمود مرزا جي خلاف سرڪاري وڪيل طرفان هلندڙ سال جنوري ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس به فائنل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو