اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ ن جي 3 ميمبرن جي قومي اسيمبلي جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست منظور ڪندي کين بحال ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اين اي 154، اين اي 81 ۽ اين اي 79 جي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻن جون اپيلون منظور ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو ۽ ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ٻن جي هڪ جي اڪثريت سان بحال ڪري ڇڏيو، جسٽس عقيل عباسي اختلافي فيصلو ڏنو.عدالت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ ن جي اظهر قيوم نهرا، عبدالرحمان ڪانجو ۽ ذوالفقار احمد کي بحال ڪري ڇڏيو.










