لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي ستوا کٽلا ۾ ملڪيت جي تڪرار تان پٽ پيءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.لاهور پوليس موجب ستو کٽلا ۾ ملڪيت جي تڪرار تي مارجي ويلن ۾ غلام حسين ۽ 7 ورهين جي نينگري عذرا شامل آهن.پيءُ ۽ ڀيڻ کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار علي عمران موقعي تان فرار ٿي ويو.پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا پڻ شروع ڪيا ويا آهن، جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.










