لاهور مان نيب جا ٻه جعلي آفيسر گرفتار

لاهور مان نيب جا ٻه جعلي آفيسر گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)نيب لاهور جي انٽيليجنس ونگ ڪارروائي ڪندي 2 جعلي نيب آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو. نيب لاهور ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ بلاول هارون ۽ اڪمل به شامل آهن. ڊي جي نيب لاهور جي کليل عدالت ۾ مليل شڪايت تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.ترجمان موجب جوابدار ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪري ماڻهن کان پئسا هڻندا هئا. حساس ادارن گرفتار جوابدارن وٽان جعلي مهر، ليٽر پيڊ، جعلي سروس ڪارڊ ۽ متاثرن کان ورتل رقم هٿ ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو