لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي اڄوڪي ريلي کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور جي ضلعي مانيٽرنگ آفيسر تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي لکت ۾ نوٽيس پڻ موڪلي ڇڏيو آهي.ضلعي مانيٽرنگ آفيسر عمران خان کي موڪليل لکت نوٽيس ۾ چيو آهي ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي اوهان جي اڳواڻي ۾ لبرٽي چوڪ کان ناصرباغ تائين ريلي ڪڍي ويندي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽين، اميدوارن تي پابند آهي ته هو جلسن ۽ جلوسن کان اڳ ضلعي انتظاميا کي آگاهه ڪن، اڳواٽ اجازت کانسواءِ ريلي منعقد ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي.










