زلمي کي شڪست، لاهور  قلندر پلي آف ڪواليفائي ڪري ورتو

زلمي کي شڪست، لاهور  قلندر پلي آف ڪواليفائي ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 10 جي 29 هين ميچ ۾، لاهور قلندرز پشاور زلمي کي شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. راولپنڊي ۾ 13 اوورن جي برسات کان متاثر ميچ ۾، لاهور قلندرز 8 وڪيٽن تي 149 رنسون ٺاهيون، جنهن سان پشاور زلمي کي فتح لاءِ 150 رنسن جو هدف ڏنو. پشاور زلمي جي ٽيم 150 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ صرف 123 رنسون ٺاهي سگهي. زلمي جي ٽيم پهرين رائونڊ ۾ پي ايس ايل مان ٻاهر ٿيندڙ پهرين ٽيم هئي.جڏهن پشاور زلمي ٽاس کٽي لاهور قلندرز خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ته لاهور قلندرز جي فخر زمان ۽ محمد نعيم شاندار شروعات ڪئي، ٻئي اوور ۾ 21 رنسون ٺاهيون. فخر زمان 60 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. پشاور زلمي جي فيلڊرز خراب ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ 4 آسان ڪيچ ڇڏيا، جن مان سڀ کان مهانگو ڪيچ فخر زمان جو هو، جنهن انهن جي اننگز کي وڌايو.قلندرز جي اننگز جي آخري حصي ۾ وڪيٽون ڪرڻ شروع ٿيون ۽ ٽيم جي 160 کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ جي امڪانن کي ڌڪ لڳو. ڪشال پريرا ۽ آصف علي وچين اوورز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر آصف علي 18 رنسن جي مختصر پر تيز اننگز کان پوءِ آئوٽ ٿي ويو، شڪيب الحسن بنا ڪنهن رن جي آئوٽ ٿي ويو.لاهور قلندرز طرفان فخر زمان 60، محمد نعيم 22، آصف علي 18 ۽ ڪشال پريرا 17 رنسون ٺاهيون. پشاور زلمي جي بالرن احمد دانيال، علي رضا ۽ ڊينئل سمز ٻه ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.ان کان اڳ، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي چوڌاري تيز هوائن سبب لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ ميچ جو ٽاس دير سان ٿيو، جنهن کان پوءِ ميچ صبح 9:45 تي دير سان شروع ٿيو.برسات ۽ خراب موسم جي ڪري، ميچ کي گهٽائي 13 اوور في اننگز ڪيو ويو. ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب، اوورز ۾ گهٽتائي رات 9 وڳي شروع ٿي، جڏهن ته رات 8:55 تي گرائونڊ تان سڀئي ڪَوَر هٽايا ويا، جنهن کان پوءِ رانديگر پهريون ڀيرو وارم اپ ڪرڻ لاءِ ميدان تي نظر آيا. هي ميچ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ فيصلو ڪندڙ ميچ آهي، جتي هارائيندڙ ٽيم جو پي ايس ايل جو سفر ختم ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو