لاهور: اڪيڊمي جي ڇت ڪري پئي، ملبي هيٺان دٻجي 14 ٻار فوت

لاهور: اڪيڊمي جي ڇت ڪري پئي، ملبي هيٺان دٻجي 14 ٻار فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڪاهنا ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ٻار فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب هڪ عورت ٽيچر سميت 20 کان 25 ٻار ٽيوشن سينٽر ۾ موجود هئا، 15 کان وڌيڪ ٻارن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو اطلاع آهي، اڪثر ٻار ننڍي عمر جا آهن، امدادي ڪارروايون جاري آهن. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع شام جو 4:45 وڳي مليو هو، 5 کان 6 ٻارن کي ڪڍيو ويو آهي، فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي. ٽيوشن سينٽر جي عمارت ۾ صبح جي وقت اسڪول هوندو آهي. علائقي جي رهواسين ٻڌايو ته ٻار اسڪول جي اڪيڊمي ۾ ٽيوشن پڙهڻ آيل هئا.پوليس موجب ٽيوشن سينٽر جي مٿين منزل تي تعميراتي ڪم هلي رهيو هو، ٻار ٽيوشن سينٽر جي گرائونڊ فلور تي پڙهي رهيا هئا. گهر جي مالڪ سميت 2 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پاران واقعي تي وڏي ڏک ۽ رنج جو اظهار
وزيراعظم شهباز شريف ڪاهنا ۾ ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي وڏي ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف فوت ٿي ويلن جي بلند درجات لاءِ دعا ۽ پونئيرن (لواحقين) سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

پهريون ڌيان ٻارن کي ملبي مان ڪڍڻ آهي: عظميٰ بخاري
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ريسڪيو آپريشن احتياط سان ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته گهر ۾ ٽيوشن سينٽر ٺاهيو ويو هو، خستا حال عمارت کي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان کي ٺيڪ نه ڪرايو ويو هو، پهريون ڌيان ٻارن کي ملبي مان ٻاهر ڪڍڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو