اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي لانگ مارچ تي تنقيد ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته لانگ مارچ ۾ آيل ماڻهن جي تعداد کان وڌيڪ اسيمبلي ۾ اسڪولي ٻار آهن.اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته لانگ مارچ ۾ ماڻهن کان وڌيڪ ملازم آهن.واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي باوجود پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جاري آهي ۽ هو ان کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيا آهن.










