لانگ مارچ دوران مارجي ويل شخص کي عمران جي گارڊ گوليون هڻي ماريو هو: رانا تنوير

لانگ مارچ دوران مارجي ويل شخص کي عمران جي گارڊ گوليون هڻي ماريو هو: رانا تنوير

شيخوپورهه(ويب ڊيسڪ)تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير لانگ مارچ وزيرآباد واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو.شيخوپوره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته وزيرآباد واقعي جو جوابدار پڪڙيو ويو آهي، ان جي جاچ ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪا سازش آهي ته ان سان رابطو ڪيو وڃي.هن چيو ته لانگ مارچ دوران مارجي ويل شخص کي عمران خان جي گارڊ گوليون هڻي ماريو.راڻا تنوير چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مارشل لا لڳي ته لڳايو وڃي، ان ڪري اسان سندس خلاف ڪارروائي نه ڪري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو