پشاور (ويب ڊيسڪ): خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي لانگ مارچ جو مقصد باني پي ٽي آءِ عمران خان جي رهائي نه پر سندس تائين رسائي آهي.هڪ انٽرويو دوران سهيل آفريدي ٻڌايو ته 27 سيپٽمبر تي ٿيندڙ لانگ مارچ جي هو پاڻ قيادت ڪندو. هن واضح ڪيو ته هي ڪو هڪ ڏينهن جو ايونٽ نه هوندو ۽ نه ئي هو اسلام آباد پهچي بغير مقصد حاصل ڪرڻ جي واپس موٽندا. وڏي وزير چيو ته مارچ جو اعلان تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ عليما خان سان مشوري بعد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران خان جي رهائي آئين ۽ قانون موجب ئي عمل ۾ ايندي.










