لانڍي ۾ ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي  ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت

لانڍي ۾ ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ ٻيو حادثو پيش آيو جڏهن هڪ پاڻي جي ٽينڪر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هڪ ماءُ ۽ پٽ مارجي ويا.افسوسناڪ واقعو ڪراچي جي لانڍي اسپتال چورنگي تي پيش آيو، جتي هڪ پاڻي جي ٽينڪر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هڪ ماءُ ۽ پٽ مارجي ويا.پوليس يا ٻين اختيارين طرفان ٽرڪ ڊرائيور جي گرفتاري يا حراست بابت اڃا تائين ڪا خبر ناهي.ٻئي طرف، ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته هن سال ڪراچي ۾ ڳري گاڏين جي ٽڪرن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ هاڻي 195 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو